بخشل ٿلهو

بخشل ٿلهو

بخشل ٿلهو

بخشل ٿلهو: ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ سياسي ڪارڪن بخشل ٿلهو پھرين مئي 1974ع تي دُر محمد ٿلهو جي گهر نصيرآباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم نصير آباد مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1999ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان DVM جي ڊگري حاصل ڪئي. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات وٽرنري ڊاڪٽر طور ڪئي. 2009ع کان 2012ع تائين 3 سال پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن (PVMA) جو صدر رهيو. 1995ع کان 1997ع تائين جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ سرگرم رهيو. 1998ع ۾ جيئي سنڌ انقلابي پارٽيءَ جو حصو بڻيو. هي عاصم علي آخوند (ليبر پارٽيءَ) کان متاثر ٿيو، جنھن 2003ع ۾’آدرش‘ نالي هڪ رسالو شروع ڪيو، جنھن جو هو ايڊيٽر بڻيو. بعد ۾ ان رسالي جو نالو ’سماجواد‘ رکيو ويو. عاصم آخوند جي وفات کان پوءِ 2008ع ۾ ليبر پارٽي پاڪستان ۾ شامل ٿي، اُن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.2012ع ۾ جڏهن عوامي ورڪرز پارٽي ٺھي ته کيس سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 2014ع ۾ ٻيھر عوامي ورڪرز پارٽي (AWP) سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 2016ع ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جو صدر چونڊيو ويو. ان کانسواءِ هي سنڌ پروگريسو ڪميٽيءَ جو ڪنوينر پڻ رهيو آهي. مارچ 2022ع ۾ لاهور ۾ ٿيل ٽين مرڪزي ڪانگريس ۾ بخشل ٿلهو عوامي ورڪرز پارٽي (AWP) جو جنرل وفاقي جنرل سيڪريٽري چونديو ويو. پاڻ مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکڻ سان گڏ سنڌ ۾ اسٽڊيز سرڪلز کي منظم ڪندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ٿڪيائي ٿر ٿيلهه“ (2015ع)، ”تبديلي جو فلسفو“ (2017ع) ۽ ”نِٽشَي“ (تصويري تعارف: ترجمو) شامل آهن.


لفظ بخشل ٿلهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.05.01  عيسوي

ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ سياسي ڪارڪن بخشل ٿلهو پھرين مئي 1974ع تي دُر محمد ٿلهو جي گهر نصيرآباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪرهيو ڀانڊاري شيخ
ارم زهرا
شاهنواز ڏاهاڻي
بزرگ بن شهريار
سيٺ ٺاڪرداس گولومل
الستي عبدالغفور
بختاور خان ملڪ
سيد فتح محمد شاهه شيرازي
گدا حسين سمو
حڪيم شيخ محمد بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون